تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

افغان سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻو پوندو : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻو پوندو، يقيني بڻائڻو پوندو ته افغان سرزمين ڪنهن ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ افتتاحي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي صدارت ڪرڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، سمورن معزز مهمانن کي ايس سي او اجلاس ۾ خوش آمديد چون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پائيدار ترقي لاءِ علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي گهرج آهي، سمورا ملڪ گڏجي خطي جي معيشت کي بهتر ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ايس سي او ملڪ دنيا جي آبادي جو 40 سيڪڙو آهن، اڄ جو اجلاس علائقائي سهڪار وڌائڻ جو اهم موقعو فراهم ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايس سي او اجلاس ۾ بامقصد ڳالهين ۽ نتيجن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته کيس يقين آهي ته اجلاس ۾ ٿيل ڳالهين جا نتيجا خطي جي عوام لاءِ فائديمند هوندا. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته کين پنهنجن ماڻهن کي بهتر معيار جي زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. شهباز شريف چيو ته اهي عالمي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده صورتحال ۾ گڏيل قدم کڻڻ جي گُهرج آهي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، کين اجتماعي ڏاهپ کي استعمال ڪندي اڳتي وڌڻو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايس سو او ملڪن کي معاشي سهڪار لاءِ نئين حڪمت عملي تي غور ڪرڻو پوندو، خطي جي ملڪن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار جا ڪيترائي موقعا آهن. هن چيو ته علائقائي ترقي ۽ استحڪام لاءِ تمام گهڻو اهم ملڪ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد تي ڌيان ڏئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغان سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻو پوندو، يقيني بڻائڻو پوندو ته افغان سرزمين ڪنهن ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي. هن چيو ته علائقائي ترقي لاءِ بيلٽ اينڊ روڊ انتهائي اهم منصوبو آهي، پاڪستان اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، گڏيل مستقبل جي لاءِ اقتصادي استحڪام سندن ضرورت آهي، خطي مان غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پيش ايندڙ خطرا اهم چئلينجز آهن، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
24 %
2kmh
70 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون