افغان طالبان عورتن تي پابندين خلاف سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
افغان طالبان پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته هو عورتن تي پابندي کي افغانستان جو اندروني سماجي مسئلو سمجهن ٿا، جنهن جو پرڏيهي ملڪن تي ڪو به اثر نه پيو آهي.
سلامتي ڪائونسل هڪ ٺهراءُ پاس ڪري افغان عورتن جي حقن تي لڳل پابنديون جلد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.
گڏيل عرب امارات ۽ جاپان افغان عورتن تي پابندي خلاف سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته طالبان جا اِهي عمل انساني حقن ۽ انسانيت جي اصولن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٺهراءَ ۾ افغان معاشري ۾ عورتن جي ڪردار کي اڻٽر قرار ڏنو ويو آهي.
گڏيل قومن ۾ يو اي اي جي سفير ان حوالي سان چيو ته 90 کان وڌيڪ ملڪن اسان جي قرارداد جي حمايت ڪئي آهي، جن ۾ افغانستان جا ويجها پاڙيسري ۽ مسلمان ملڪ به شامل آهن………….
هن چيو ته اهو اسان جي بنيادي پيغام کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو ته دنيا افغانستان ۾ عورتن جي ڪردار کي ختم ڪرڻ تي خاموش نه ويٺي.