جي يو آءِ سربراھھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تھ افغان پناهگيرن جو مسئلو ٻھ طرفو آھي، ان معاملي تي ڪميشن ٺاھي مسئلو حلم ڪيو وڃي.
ھڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو تھ افغانستان افغانين جو آھي، آخرڪار انھن کي وڃڻو ھو، افغانستان پنھنجي عالمن کان فتويٰ ورتي آھي تھ پاڪستان ۾ ڪارروائي کي جھاد قرار نھ ٿو ڏئي سگھجي.
مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ افغان مھاجرن جو مسئلو ٻھ طرفو آھي، ھڪ طرفي فيصلن سان لاڳاپا خراب ٿيندو، تجويز ڏني تھ افغان مھاجرن جي معاملي تي ڪميشن ٺاھي وڃي.
ھن وڌيڪ چيو تھ امن ھميشھ انصاف سان ايندو آھي، ناانصافيون ٿينديون تھ امن ڪڏھن بھ نھ ٿي سگھندو.