مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون، اقليتي فيصلو ته فيصلو ئي ناهي هوندو، ان کي تسليم ڪيئن ڪيو وڃي؟ فيصلا صاف شفاف هوندا ته توهين نه ٿيندي، ڇا عدالت ڪنهن کي آمر کي نااهل ڪيو؟ پاڻ کي ليڊر چوندڙ منهن تي ڪارو دٻو پهري نڪري ٿو، عمران خان ۽ سندس مددگارن ڄاڻن ٿا ته هو ڏوهي آهي، قانون جي بالادستي جو درس ڏيندڙ پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي ڪجهه به نه ٿو سمجهي.
راولپنڊي ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته نواز شريف ۽ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا، ملڪ ۾ ورهين کان آمريت آهي، ڪنهن به چونڊيل وزيراعظم کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنوويو.
هن چيو ته ڪنهن به عدالت ڊڪٽيٽر آڏو بيهڻ جي جرئت نه ڪئي، سدائين چونڊيل وزيراعظم کي ئي ڌمڪايو يا ڪڍيو، ڊڪٽيٽر کي ڪڏهن سيسلين مافيا جو لقب نه ڏنو ويو.
مريم نواز چيو ته عمران خان کي ٻن ڪلاڪن ۾ ضمانت ملي وڃي ٿي، پاڻ کي ليڊر چوندڙ منهن تي ڪارو دٻو پهري نڪري ٿو، عمران خان ۽ سندس مددگارن ڄاڻن ٿا ته هو ڏوهي آهي.
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون، اقليتي فيصلو ته فيصلو ئي ناهي هوندو، ان کي تسليم ڪيئن ڪيو وڃي؟ فيصلا صاف شفاف هوندا ته توهين نه ٿيندي.
مريم نواز چيو ته عمران خان جا مددگار نئين چيف جسٽس کان اڳ اليڪشن چاهن ٿا، مقبول ماڻهن کي ججن جي ضرورت ناهي پوندي.
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته عمران خان جي گهرواريءَ کان هيري جي منڊي ۽ توشا خاني جو حساب گهرو ته گهريلو ۽ پردي واري عورت بڻجي وڃي ٿي، بشريٰ بيبي کي گهرايو ويو ته چيو ويو ته هو عوامي عهدو رکندڙ ناهي، ڇا مريم نواز ۽ سيرينا عيسيٰ پبلڪ آفيس هولڊر هيون؟
مريم نواز چيو ته چيف جسٽس چوي ٿو ته سياسي پارٽيون پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪن، هڪ شخص کي ٻيهر مڙهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، پر هاڻي 2018ع وارو دور ناهي، جيڪو پنجاب تي لاڳو ٿئي ٿو اهو ڪي پي تي ڇو نه ٿو ٿئي؟