پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن لاءِ سڀني کي تيار رهڻو آهي، سڀاڻي هو پارٽي ٽڪيٽون ورهائيندو.
لاهور جي زمان پارڪ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان طرفان پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏجي روزو افطار ڪيو.
ڪارڪنن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اليڪشن لاءِ سڀني کي تيار رهڻو پوندو، هو سڀاڻي کان پارٽي ٽڪيٽون ورهائڻ شروع ڪندو.