وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اليڪشن ٿي ته تباهي ٿيندي، هو ان تباهيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهن، تڪراري اليڪشن ملڪ کي افرا تفري ڏانهن ڌڪيندي.
جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته هو اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن، هو چونڊن کان ڀڄندا ناهن کٽي ايندا آهن.
هن چيو ته تڪراري اليڪشن ملڪ کي افرا تفري طرف وٺي ويندي، ماضيءَ ۾ هڪ اليڪشن ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪيو، ٻيءَ صورتحال خراب ڪئي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ٿي ته تباهي ٿيندي، اهو ان تباهيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهن، هڪ شخص اليڪشن ڪرائڻ واري هوڏ تي قائم آهي، تڪراري اليڪشن ملڪ کي انارڪيءَ طرف وٺي ويندي.