اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 ۽ 58 ۾ ترميمون تجويز ڪيون آهن.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ سڪيريٽريءَ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توڙي پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري کي خط لکيو.
خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 2018 ٻه تحت هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، آئين جي شق ٽي ڪميشن کي چونڊ عمل مڪمل ڪرڻ جو اختيار ڏي ٿو.
اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو ته اليڪشن ايڪٽ هڪ مڪمل دستاويز آهي، جنهن جي ڪنهن به حصي جي فرضي تشريح نٿي ڪري سگهجي، اليڪش ايڪٽ جو آرتيڪل 224 ٻه نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري ڏي ٿو ،آرٽيڪل 218 ٽي ڪميشن کي ديانتداري ۽ اڻ ڌرائپ سان چونڊ عمل مڪمل ڪرڻ جي ذميواري ٿو.
خط ۾ چيو ويو ته آئين تحت ڪميشن حالتن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪرائڻ يا دير ڪرڻ جو به اختيار رکي ٿي، تازي عدالتي فيصلي کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن سمجهي ٿي ڄاڻايل مدي ۾ ڏنل ذميواريون بهتر نموني نڀائڻ کان لاچار آهي.
اليڪشن ڪميشن خط ۾ موقف اختيار ڪيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آئين ته پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي شڪ 57 ون ۽ 58 ۾ ترميم يقيني بڻائي ته جيئن ڪميشن چونڊن ۾ دير بابت نوٽيفڪيشن جي اختيار سميت اليڪشن پروگرام تبديليءَ جو اختيار حاصل ڪري.