جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 15 جنوري تي ڊگهي عرصي بعد ڪراچيءَ ۾ مڪاني چونڊون ٿيون، چونڊن بعد مسلسل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، اليڪشن ڪميشن، سنڌ سرڪار جي چوڻ تي هلي رهي آهي، جيڪو ڪم صحيح ڪندو سندس ساٿ ڏنو ويندو پر غلط ڪم تي آواز اٿاريو ويندو.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته هن وقت مڪاني چونڊن ۾ سنڌ سرڪار سڄي مشينري استعمال ڪري رهي آهي، ايوان پورو ڪرڻ کان اڳ ڪيئن ميئر جي چونڊ ٿي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته 27 رمضان جو ڏينهن چونڊن لاءِ مقرر ڪيو ويو هو هاڻي ٻيهر مڪاني چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته انهن يوسيز ۾ اليڪشن ٿي رهي آهي جتي هو چارئي وارڊ کٽي چڪا آهن، اليڪشن کان اڳ پولنگ اسٽيشنز جي تبديلي ڪئي پئي وڃي ته جيئن آساني سان ڌانڌلي ڪري سگهجي.
هن چيو ته 11 يوسينز جي نتيجن سان ئي پارٽي پوزيشن واضح ٿيندي ته ڪير نمبر ون آهي، هو سڀني کان اڳتي آهن هاڻي قبضي جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته هو ڪراچيءَ جي شهرين کي اپيل ڪري ٿو ته مڪاني چونڊن کي عام نه سمجهن، هاڻي 11 يوسيز جي هر پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر ڪئي وڃي.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته چونڊن ڏهاڙي کين نظر اچي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، اليڪشن کان اڳ پرزائيڊنگ آفيسرن کي اڃا تائين مقرر ناهي ڪيو ويو، هو پرامن طريقي سان پنهنجو حق گهري رهيا آهن ڏڦيڙ طرف نه ڌڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ پاڪ فوج ۽ رينجرز جو ڪم آهي، جيڪڏهن حالتون خراب ڪيون ويون ته جماعت اسلامي مزاحمت ڪندي، اڃا ته برساتون به ناهيون پيون شهر ۾ هر هنڌ پاڻي بيٺل آهي.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته مرتضيٰ وهاب ٻڌائي ته جيڪو نظام ٺاهيو هو اهو ناڪام ڇو ٿيو؟، 21 ارب رپيا ڪٿي خرچ ڪيا؟، شهري هن اليڪشن کي چئلينج سمجهي وڏي انگ ۾ نڪرن، ڪي اليڪٽرڪ مهانگي بجلي ٺاهڻ باوجود کين بجلي نٿي ڏئي، ڪي اليڪٽرڪ ڪڏهن به ڪراچيءَ کي بجلي ناهي ڏني.