اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جي ٻڌڻي 23 جولاءِ تي ٿيندي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس تي ٻڌڻي ڪندو.
اليڪشن ڪميشن طرفان تحريڪ انصاف جي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
اليڪشن ڪميشن جي پوليٽيڪل فنانس ونگ انٽرا پارٽي اليڪشن تي سوال اٿاريا آهن، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي سوالن تي ڪميشن کي مطمئن ڪندي