تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل سمورا ميمبر هاڻي آزاد

- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ کان اڳ تحريڪ انصاف کي وڏو ڌچڪو، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل سمورا ميمبر هاڻي آزاد آهن. اليڪشن ڪميشن چيو ته سپريم ڪورٽ جي 25 آگسٽ 2025ع جي تفصيلي فيصلي کانپوءِ ميمبرن جي وابستگي پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل سان ظاهر نه ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي فيصلي جي روشني ۾ قومي اسيمبليءَ سميت صوبائي اسيمبلين ۾ پارٽي پوزيشن به تبديل ٿي وئي. اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي، پنجاب، سنڌ ۽ ڪي پي اسيمبلين جي پارٽي پوزيشن بابت نئين لسٽ جاري ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن جا 125  ميمبر ۽ پ پ جي ميمبرن جو انگ 74 ٿي ويو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 22، مسلم ليگ ق جا پنج، آءِ پي پي جي ميمبرن جو انگ 4 ٿي ويو. مسلم ليگ ضيا، نيشنل پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جو قومي اسيمبلي ۾ هڪ هڪ ميمبر آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ آزاد ميمبرن جو انگ 79 آهي، جميعت علماءِ اسلام پاڪستان جي ميمبرن جو انگ 10 ٿي ويو. سني اتحاد ڪائونسل، ايم ڊبليو ايم،  بي اين پي ۽ پي ڪي ميپ جو قومي اسيمبلي ۾ هڪ هڪ ميمبر آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
29 %
2.1kmh
5 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون