اليڪشن ڪميشن عام چونڊن بابت فنڊ نه ملڻ جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، عدالت طرفان ناڻي واري وزارت کان به رپورٽ طلب ڪئي آهي.
اليڪشن ڪميشن ٻن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن جي ٻن صفحن تي ٻڌل اڳڀرائي رپورٽ ۾ فنڊز نه ملڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جي چونڊ لاءِ فنڊز ناهن مليا، فنڊز نه ملڻ جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ ناڻي واري وزارت کان به 21 ارب رپين جي فنڊن بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ناڻي واري وزارت کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
عدالت جي خاص ميسينجر نوٽيس ناڻي وزاري وزارت کي موڪلي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب عدالتي نوٽيس تي اڃا تائين ناڻي واري وزارت جي رپورٽ رجسٽرار آفيس تائين نه پهتي آهي.