اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ 14 مئي تي اليڪشن جي عدالتي فيصلي تي نظرثاني لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.
اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کان پنهنجي 4 اپريل جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار عدليا کي حاصل ناهي، آئين ٺاهڻ وارن عدليا کي اهو حق ناهي ڏنو ته هو چونڊن لاءِ تاريخ ڏئي.
اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ چيو آهي ته آئين ادارن جي اختيارن کي بلڪل واضه ڪري رکيو آهي، ان لاءِ سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي ڪري طئي ٿيل قانون کي تبديل ڪيو، سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جي غلطي درست ڪري.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14 مئي تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان حوالي سان چيف جسٽس ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا هئا ته عدالت پنهنجو 14 مئي جو اليڪشن جو حڪم واپس نه وٺندي.