اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 3 رپورٽون جمع ڪرايون.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 14 مئي تي صوبائي چونڊن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اعليٰ عدليا ان معاملي جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ ڪابه تاريخ مقرر ناهي ڪئي.
اليڪشن ڪميشن موجب، مقرر تاريخ تائين ضروري انتظام مڪمل ڪرڻ ناممڪن آهي جڏهن ته چونڊن جي دير يا ملتوي ڪرڻ جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي طلب ناهي ڪيو.
چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ 4 اپريل تي پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.
ملڪ ۾ تبديلي فوجي ٿاڪن تي حملن سان نه ايندي، بلاول ڀٽو زرداري
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ تبديلي فوجي ٿاڪن تي حملن سان نه ايندي، پي ٽي...