امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آھي، جڏھن تھ ھو فلوريڊا کان نيويارڪ پھچي ويو آھي.
پرڏيھي ميڊيا رپورٽس موجب، نيويارڪ ميئر ھنگامو ڪندڙن کي خبردار ڪندي چيو آھي تھ ٽرمپ خلاف ڪارروائي دوران پرتشدد احتجاج تي گرفتار ڪيو ويندو.
واضح رھي تھ ڊونلڊ ٽرمپ تي سال 2016ع جي صدارتي چونڊن کان اڳ فحش فلمن جي اداڪارا اسٽارمي ڊينيئلز کي رقم ڏئي تعلق لڪائڻ جو الزام آھي.
امريڪي تاريخ ۾ اھو پھريون موقعو آھي تھ ڪنھن بھ موجودھ يا اڳوڻي صدر کي ڏوھن جي الزامن جو منھن ڏسڻو پئجي رھي آھي.