امريڪا جي ھڪ رپورٽ ۾ پاڪستان سميت بدحال معيشتن تان 520ارب ڊالر معاف ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آھي.
ھڪ نجي ٽي وي موجب، امريڪي اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ معاشي بدحالي جي شڪار معيشتن تان 520 ارب ڊالر قرض معامل ڪرڻ گھرجي.
رپورٽ ۾ چيو ويو تھ پاڪستان، ملاوي، ايٿوپيا جھڙا ملڪ موسمياتي بحران سان منھن ڏيڻ سبب معاملي بدحالي ۽ مالياتي دٻاءُ آھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ انھن ملڪن تان قرض معاف ڪرڻ سان سندن مالياتي صورتحال بھتر ٿيندي ۽ موسمياتي ۽ ترقياتي ھدف پورا ٿي سگھندا.