امريڪا جي ليڪ ٿيل دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته امريڪا جي طرفان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي جاسوسي ڪئي وئي آهي.
ليڪ ٿيل امريڪي ڳجهن دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته امريڪا سمجهي ٿو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل روسي مفادن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ان ڪري سندس ويجهو گهڻي نگراني ڪئي وئي.
ليڪ ٿيل دستاويز انتونيو گوتريس ۽ سندس نائب وچ ۾ ٿيل نجي ڳالهه ٻولهه جي وضاحت ڪن ٿا، دستاويز يوڪرين جنگ جي حوالي سان يو اين سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن جي مشاهدن تي ٻڌل آهن.
انهن مان هڪ ليڪ ٿيل ڳجهي دستاويز جولاءِ ۾ گڏيل قومن ۽ ترڪيه وچ ۾ عالمي غذائي کوٽ جي خدشي کي نظر رکڻ واري “بليڪ سي گرين ڊيل” بابت آهي.
دستاويز سان معلوم ٿئي ٿو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ان ڊيل ۾ گهڻي دلچپسي رکي ٿو ڇو ته هو روسي مفادن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
ڳجهي دستاويز موجب يو اين سيڪريٽري جنرل روس جي ايڪسپورٽ جي اهليت کي بهتر ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي.
امريڪي مشاهدن موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي فيبروري وارن قدمن کي روس يوڪرين جنگ ۾ جوابداه ٿيڻ جي وسيع قدمن کي کوکلو ڪرڻ جي برابر آهي.
گڏيل قومن جي اختيارين ليڪ ٿيندڙ امريڪي دستاوزن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا جي اهم پائي جي سفارتڪار ماسڪو جي حوالي سان هو نرم رويو رکن ٿا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ليڪ ٿيندڙ امريڪي دستاويزن تي ڪو به تبصرو نه ٿو ڪري سگهجي پر گڏيل قومن جنگ جي غريبن تي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.