امريڪا ۾ ھڪ لائبريري کي تقريبن 44 سالن بعد ڪتاب واپس ملي ويو.
امريڪي رياست نيو جرسي جي ھڪ لائبريري مان جولاءِ 1979 نڪتل ڪتاب ھڪ اڻڄاتل شخص واپس ڪيو.
مرسر ڪائونٽي لائبريري سسٽم موجب بيڪ ٽو بيسڪس نالي ڪتاب کي لائبريري جي ھو ويل برانچ ۾ 25 جولاءِ 1979 تي واپس ڪرڻو ھو پر ان کي ھلندڙ مھيني جي شروعات ۾ ڪو شخص چني واري پيتيءَ ۾ وجھي ويو.
ھوپ ويل برانچ جي مئنيجر اينڊريا ميرڪ جو چوڻ ھو تھ لائبريري جو عملو حيران ھو تھ ڪتاب گھڻو پراڻو آھي، جيڪڏھن ڪتاب ڪڍرائيندڙ شخص سامھون اچي تھ لائبريري ڪنھن قسم جو ڏنڊ وصول نھ ڪندي.