- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نيويارڪ جي نئين چونڊيل ميئر ظهران ممداني وچ ۾ وائيٽ هائوس ۾ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ظهران ممداني سان ملاقات انتهائي هاڪاري رهي، هو نيويارڪ جي بهتري لاءِ نئين چونڊيل ميئر جي مڪمل معاونت ڪندا.
صدر ٽرمپ چيو ته کيس اميد آهي ته ظهران ممداني نيويارڪ جا معاملا سٺي انداز ۾ هلائيندو ۽ معاملا جيتري سٺي انداز ۾ هلائيندو مان اوترو ئي خوش ٿيندو، هو سندس هر ممڪن مدد ڪندو ته جيئن شهرين جي اميدن تي پورو لهي سگھي.
هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ٽرمپ چيو ته نيتن ياهو جي گرفتاري بابت ڪنهن قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ظهران ممداني جا ڪجهه فيصلا قدامت پسندن لاءِ حيرت جو سبب بڻجي سگھندا ۽ هو سمجهي ٿو ته ممداني ڪجهه قدامت پسندن کي واقعي حيران ڪندو.
امريڪي صدر ٽرمپ ان موقعي تي جنگ ۽ امن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ وچ اوڀر ۾ سندس جي ڪري امن قائم ٿي چڪو آهي، هن دنيا ۾ 8 جنگيون روڪرايو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت امن ڊيل به شامل آهي.
ميئر ظهران ممداني به ملاقات کانپوآءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته امريڪي صدر ٽرمپ سان گڏجي نيويارڪ لاءِ سٺو ڪم ڪندا.
ظهران ممداني نالو وٺڻ بنا امريڪا جي اسرائيل کي ڏنل فنڊنگ جي پاليسي تي تنقيد ڪئي.
هن چيو ته سندس حامي ۽ ٽرمپ جا حامي ان ڳالهه تي متفق آهن ته امريڪي ٽيڪس ڏيندڙن جي پيسي سان انساني حقن خلاف ڀڃڪڙيون ڪندڙ ملڪن جي فنڊنگ بند ٿيڻ گھرجي………………
- Advertisement -
