تازه ترين

امريڪي صدر ڪينيڊا تي لاڳو ٽيرف عارضي طور روڪي ڇڏيو

ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو دعوى ڪئي آهي ته امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڪسيڪو وانگر ڪينيڊا جي لاءِ به ٽريف فلحال نه وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا رابطو ٿيو جنهن کانپوءِ جاري بيان ۾ ڪينيڊين وزيرياعظم چيو ته صدر ٽرمپ ڪينيڊا تي 25 سيڪڙو لاڳو ڪيل ٽريف 30 ڏينهن لاءِ روڪي ڇڏيو آهي.

ڪينيڊين وزيراعظم چيو ته ڪينيڊا اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ خاص ٽاسڪ فورس ٺاهيندي، امريڪا سان گڏ سرحد جي مستقل نگراني کي يقيني بڻايو ويندو.

ٻئي پاسي امريڪي ميڊيا موجب، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو طرفان سرحدن جي نگراني سخت ڪرڻ تي ٽيرف کي روڪيو ويو آهي جڏهن ته وائٽ هائوس طرفان اڃان تائين ان معاملي تي ڪا وضاحت ناهي اچي سگھي.

ڪينيڊين وزيراعظم کان پهريان ميڪسيڪو جـِي صدر ڪلاڊيا به چيو هو ته امريڪي صدر ان جي مڪ تي به لاڳو ڪيل ٽريف هڪ مهيني لاءِ روڪي ڇڏيو آهي.

ميڪسيڪو جي صدر سرحد تي 10 هزار فوجي به موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.

خيال رهي ته پهرين فيبروري تي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واپاري ڀائيوارن چين، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو تي نوان ٽيرف لاڳ ڪرڻ جي حڪمنامي تي صحي ڪئي هئي……..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون