مُلڪ ۾ امريڪي ڊالر جي قدر ۾ اضافو ٿي ويو آهي انٽربينڪ ۾ ڊالر سوا رپئي ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ٻه رُپيا مهانگو ٿيو آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي مطابق انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ڪاروبار جي اختتام تي 279 رُپيا 7 12 پئسا ٿي.
جڏهن ته گذريل ڏينهن انٽربينڪ ۾ ڪاروبار جي اختتام تي ڊالر 277 رُپيا 92 پئسا هو انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت اڄ هڪ رُپيو 25 پئسا وڌي آهي.
جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رُپيا وڌي 281 رُپين جو ٿي ويو