دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت فريادي ڌر جي شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ماڊل ٽرائيل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ام رباب چانڊيو، ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ سندن وڪيل صلاح الدين پنهور عدالت ۾ پيش ٿيا.
الزام هيٺ آيل پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان چانڊيو به عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت فريادي ڌر جي شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته اميد آهي ته عدالتي فيصلو مظلومن جي حق ۾ ايندو، عدالت مان انصاف جي اميد آهي، عدليه مايوس نه ڪندي.