پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته امير ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي بحران کي غريب قومون ڀوڳڻ تي مجبور آهن، موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ هن ڀيري اپريل کان ئي برساتون شروع ٿي ويون آهن.
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي صورتحال بابت بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن جي ندي نالن ۾ چاڙهه واري صورتحال آهي.
سندس چوڻ هو ته گذريل رڪارڊ برساتن جي متاثرن جو اڄ به وڏو انگ مدد لاءِ منتظر آهي، برساتن دوران لڙهي ويل لکين گهرن ۽ انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر بحالي جو ڪم به اڃا مڪمل ناهي ٿيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل سمورا ادارا ۽ عملدار برساتن کي نظر ۾ رکندي هر وقت تيار آهن، برساتن دوران عوام احتياطي اپاءُ وٺي ۽ سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪري.
هن چيو ته الله پاڪ ملڪ کي هر مصيبت کان بچائي، جيالا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ امدادي ڪمن بابت انتظاميا سان رابطي ۾ رهن.
پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ برساتن دوران حادثن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ متاثرن خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.