پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو چوڻ آهي ته امپورٽڊ حڪومت مون کي ڪڏهن به گرفتار نٿي ڪري سگهي.
لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي احتجاج ۽ عمران خان جي امڪاني گرفتاري جي معاملي تي پارٽي چيئرمين سينيئر قيادت سان مشاورت مڪمل ڪري ڇڏي آهي.
جيوز نيوز جي مطابق تحريڪ انصاف، عمران خان جي امڪاني گرفتاري جي حوالي سان مشاورت به مڪمل ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان عمران خان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
ٻئي طرف تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مختلف شفٽن ۾ عمران خان جي رهائش گاهه جي ٻاهر احتجاج ڪندا.