صدر عارف علويءَ ملڪ جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي حالتن تي هو پريشان آهن، احتجاج ڪرڻ هر شهري جو آئيني حق آهي پر سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انساني جانيون ضايع ٿيڻ ڳڻتي، افسوس ۽ مذمت جوڳو آهي.
هن چيو ته ڪجه شرپسندن جيئن سرڪاري خاص طور سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو اهو مذمت جوڳو آهي، کين جبري گرفتارين بدران ٻيهر سوچي سياسي حل ڳولڻ گهرجي.
صدر عارف علوي چيو ته هن سياسي ۽ فوجي قيادت کي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، اميد ته حالتون بهتر ٿينديون، هو شهرين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪري ٿو.