تازه ترين

انشاءَ الله وزيراعظم سنڌ مان ٿيندو ۽ ان جو نالو بلاول ڀٽو هوندو: عاجز ڌامراهه

پ پ اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ مخالفن جو اتحاد ثبوت آهي ته پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، پ پ کي طاقت نه سمجهندڙ ماڻهو اتحاد ڇو قائم ڪري رهيا آهن، پيپلز پارٽي هڪ نظرياتي پارٽي آهي، عوام جي اميدن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، هو پنهنجي نظريي تي قائم رهندڙ پارٽي سان گڏ آهن، بار بار موقف تبديل ڪندڙ پارٽي جي حمايت نه ڪئي ويندي.

ڪراچيءَ پريس ڪلب ۾ پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه ۽ شهلا رضا پريس ڪانفرنس چيو ته پيپلز پارٽي طرفان 30 نومبر تي پارٽيءَ جي 56 هين سالگرهه تي ڪوئيٽا ۾ جلسي جو فيصلو ڪيو آهي، وفاق کي متحد ڪرڻ، جمهوريت ۽ جمهوري ادارن لاءِ قربانيون ڏيڻ تي پيپلزپارٽي تي فخر محسوس ڪن ٿا.

هنن چيو ته پيپلز پارٽي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ۽ مقابلي لاءِ سمورا ٽولا گڏ به ٿي رهيا آهن، پ پ ۾ جيڪڏهن ڪو اچي ٿو ته ڀليڪار وڃي ٿو ته خدا حافظ.

پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه ۽ شهلا رضا چيو ته سنڌ ۾ مخالفن جو اتحاد ثبوت آهي ته پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، پ پ کي طاقت نه سمجهندڙ ماڻهو اتحاد ڇو قائم ڪري رهيا آهن، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ جو اتحاد ائين آهي جيئن بيروزگار خالي کيسن جي گڏ ٿين ۽ چون ته هلون خريداري ٿا ڪريون.

سندن چوڻ هو ته پيپلز پارٽي هڪ نظرياتي پارٽي آهي، عوام جي اميدن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، هو پنهنجي نظريي تي قائم رهندڙ پارٽي سان گڏ آهن، بار بار موقف تبديل ڪندڙ پارٽي جي حمايت نه ڪئي ويندي.

پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه ۽ شهلا رضا چيو ته ڪرپشن آهي ته ادارا ۽ عدالتون به موجود آهن جيڪڏهن رڳو خبرن تي ڪنهن کي سزا ملي ته پوءِ ادارا بند ڪري ڇڏڻ گهرجن.

هنن چيو ته فرح گوگي جي صورت ۾ ڪرپشن جا هوشربا انڪشاف ٿيا آهن، مالم جبا، بي آر ٽي ۽ توشاخانه کي وساري نٿو سگهجي، ارڙهين ترميم تحت پيسا رڳو سنڌ حڪومت کي نه پر پنجاب سرڪار کي به مليا.

پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه ۽ شهلا رضا چيو ته سنڌ ۾ غريبن کي دل، گڙدن ۽ جيري سميت مختلف بيمارين جو مفت علاج ملي ٿو، دنيا ۾ ڪٿي اهڙو مفت علاج نٿو ملي، ملڪ کي به سنڌ مان بجلي ملي ٿي.

سندن چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ٿر ۾ روڊ رستا ۽ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي.

پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه ۽ شهلا رضا چيو ته پيپلز پارٽي 8 فيبروري تي مقابلي لاءِ تيار آهي، انشاءَ الله ايندڙ وزيراعظم لاهور مان نه پر سنڌ مان ٿيندو جيڪو بلاول ڀٽو زرداري هوندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
12 %
2.1kmh
4 %
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون