پرڏيهي ادائگين جي دٻاءَ سبب سومر تي به ڊالر جي اڏام جاري رهي، ڊالر جو انٽربئنڪ ريٽ 287 رپين کان وڌي ويو آهي جڏهن ته اوپن ريٽ 293 رپين جي سطح تي اچي ويو آهي.
انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات جي موقعي تي 24 پئسا گهٽتائي ٿي، ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ امريڪي ڊالر 2رپيا 44 پئسا واڌ ٿيڻ بعد 287 رپيا 8 پئسن جو ٿي ويو.
اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر ڏيڊ رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 293 رپين جي سطح تي وڃي پهتو.