Sindh TV News
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
Sindh TV News
W3Schools
No Result
View All Result
Home پاڪستان

ان نتيجي تي پهتا آهيون ته معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي: چيف جسٽس جا رمارڪس

Sindh tv by Sindh tv
مَي 5, 2023
in پاڪستان
254 3
A A
0
499
SHARES
1.4k
VIEWS
Twitter

ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته هو ان نتيجي تي پهتا آهن ته معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي، عدالت ان معاملي ۾ رڳو مدد فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، هڪ ئي ڏينهن چونڊ جي تاريخ تي اتفاق ٿيڻ گهرجي، ڳالهيون ناڪام ٿيون ته عدالت 14 مئي وارو فيصلو کڻي نه ويهي رهندي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

RelatedPosts

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاديءَ بعد پنجون ڀيرو گرفتار

حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 کان 30 سيڪڙو واڌ

عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عدليه جو ڪم ناهي : عرفان قادر

جسٽس عمر عطابنديال رمارڪس ڏنا ته هو به ڪجهه چوڻ چاهن ٿا، عدالت ۾ مسئلو سياسي نه پر آئيني آهي، سپريم ڪورٽ سياسي معاملو سياسي پارٽين تي ڇڏي ٿي.

عدالت فاروق ايڇ نائڪ کان پڇاڻو ڪيو ته آءِ ايم ايف معاهدو ۽ ٽريڊ پاليسي جي منظوري ڇو ضروري آهي؟

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته بجيٽ لاءِ  آءِ ايم ايف جو قرض ملڻ ضروري آهي، اسيمبليون نه هونديون ته بجيٽ منظور نه ٿي سگهندي.

هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن ها ته بحران نه اچي ها، بحران سبب عدالت جو وقت به ضايع ٿي رهيو آهي، اسيمبليون ٽوڙڻ سان عدالت تي بار وڌي رهيو آهي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آءِ ايم ايف قرض سرڪاري فنڊن جي ذخيرن ۾ استعمال ٿيندو يا قرض جي ادائيگي ۾؟ فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اهو جواب ناڻي واري وزارت ڏئي سگهي ٿي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ تي به بجيٽ لاءِ آئين چئن مهينن جو وقت ڏيندو آهي، اخبار ۾ پڙهيو ته آءِ ايم ايف پيڪيج بعد  دوست ملڪ به سهڪار ڪندا.

هن چيو ته تحريڪ انصاف بجيٽ جي اهميت کي تسليم ڪيو يا رد ڪري ڇڏيو؟ آئين ۾ چونڊن لاءِ 90 ڏينهن جي حد کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، هي عوامي اهميت سان آئين تي عملداريءَ جو معاملو آهي.

چيف جسٽس چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ واري معاملي تي عدالت فيصلو ڏئي چڪي آهي، رات ٽي وي تي ٻن ڌرين جو موقف ٻڌو.

هن چيو ته ڳالهين ۾ ناڪامي ٿي ته عدالت 14 مئي تي جي فيصلي کي کڻي نه ويندي، آئين موجب فيصلي تي عمل لاءِ آئين جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.

چيف جسٽس چيو ته ماضيءَ ۾ عدالت آئين جو احترام نه ڪيو ۽ رستو ڪڍيو، جنهن سان نقصان پهتو، هن عدالت سدائين آئين جو احترام ڪيو ۽ ڪنهن به ڳالهه جو جواب نه ڏنو، ڪاوڙ ۾ صحيح فيصلا ناهن ٿا.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو نائڪ صاحب ڏسو هت ڪهڙي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي، عدالت ۽ اسيمبلي ۾ ٿيندر ڳالهين ۾ ڀيٽ ڪري ڏسو.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت ڪڏهن به فيصلو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي، اوهان چار ٽي جي بحث ۾ لڳا پيا آهيو.

هن چيو ته جسٽس اطهر من الله اسيمبليون بحال ڪرڻ جو نقطو  اٿاريو پر حڪومت جي دلچسپي جي ئي نه هئي، ڪو به فيصلي يا قانون جي ڳالهه ئي نه پيو ڪري.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت جي سنجيدگي اها آهي ته اڃا تائين نظرثاني درخواست داخل ناهي ڪرائي وئي، حڪومت  قانون نه پر سياست ۾ دلچسپي ڏيکاري رهي آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته چونڊن واري فيصلي تي هاڻي نظرثاني جو وقت گذري چڪو آهي، هاڻي هو ان معاملي تي رڳو سهولتڪاري ڪرڻ چاهن ٿا.

چيف جسٽس چيو ته هڪ ئي وقت چونڊن جي تاريخ تي اتفاق ٿيڻ گهرجي، هو ان نتيجي تي پهتا آهن ته معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته تحريڪ انصاف هڪ ئي ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ شرط رکي ته 14 مئي تائين اسيمبليون ٽوڙيون وڃن.

تحريڪ انصاف 14 مئي تي چونڊن ڪرائڻ واري حڪم تي عمل جي درخواست ڪئي.

ن ليگ اڳواڻ خواجه آصف چيو ته هو وڪيل ناهي ان ڪري عدالت ۾ ڳالهائڻ جو ڍنگ ناهي پر جيڪو به چوندو سچ چوندو.

هن چيو ته ادارن ۽ سياسي پرٽين وچ ۾ بي اعتمادي گهري آهي، 2017ع کان عدالت ساڻن ناانصافي ڪئي، هو ان جو شڪار رهيو آهي.

خواجه سعد رفيق چيو ته ڪو به ادارن ۾ ٽڪراءُ نه ٿو چاهي، ڳالهين دوران گهڻو ڪجهه ٻڌو پر مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته اليڪشن جا نتيجا تسليم نه ڪرڻ تي اڳ به ملڪ ٽٽي چڪو آهي،  هڪ صوبي ۾ اليڪشن ٿي ته تباهي ٿيندي.

خواجه سعد رفيق چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اسيمبليون حساس آهن، ٻنهي کي وقت اڳ ٽوڙڻ ڏکيو ڪم آهي.

وفاقي وزير چيو ته عدالت کي سياسي معاملن ۾ ڦاسائڻ سان مونجهارا ٿيندا آهن، مدي کان هڪ ڪلاڪ وڌيڪ به ڪنهن حڪومت کي نه رهڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته عدالت پاڻ کي روڪي ويٺي آهي، ڇاڪاڻ ته حالتون سازگار ناهن، نيڪ نيتي ڏيکارڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا آهن.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته 12  آگسٽ تي اسيمبلي ٽٽي ٿي ته 12 آڪٽوبر تائين اليڪشن ٿيندي، بجيٽ تي مئي ۾ پيش ٿيندي آهي.

پي ٽي آءِ  جي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومتي بئنچن تان عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ۽ تڪبر واريون ڳالهيون اچي رهيون آهن.

چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت جي ڳالهين ۾ ڪا دلچسپي ناهي، عدالت کي رڳو ڏسڻو آهي ته تاريخ تي اتفاق ٿيو آهي يا نه؟

جسٽس عمر عطابنديال  پڇاڻو ڪيو ته ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ ڪو نتيجو نڪري سگهي ٿو؟ شاهه محمود قريشي چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪا اڳڀرائي نه پئي ٿئي، ملڪ کي آئيني بحرانن طرف ڌڪيو پيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته عدالتي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي آهي، عدالت مناسب حڪم جاري ڪندي.

Tweet125
Sindh tv

Sindh tv

Related Posts

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاديءَ بعد پنجون ڀيرو گرفتار

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاديءَ بعد پنجون ڀيرو گرفتار

by Sindh tv
جُون 9, 2023
0
1.4k

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان کي آزاديءَ بعد پنجون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو آهي. علي محمد خان کي...

Home

حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 کان 30 سيڪڙو واڌ

by Sindh tv
جُون 9, 2023
0
1.4k

حڪومت نئين مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 کان 30 سيڪڙو...

حڪومت قانونسازي لاءِ عدليا سان صلاح مشوري جي تجويز رد ڪري ڇڏي

عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عدليه جو ڪم ناهي : عرفان قادر

by Sindh tv
جُون 9, 2023
0
1.4k

وزيراعظم جي خاص مددگار عرفان قادر چيو آهي ته عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عدليه جو ڪم ناهي، ججن واري...

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جو رخ تبديل ، پاڪستان طرف  ٿي ويو

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جو رخ تبديل ، پاڪستان طرف  ٿي ويو

by Sindh tv
جُون 9, 2023
0
1.4k

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جو رخ تبديل ٿي پاڪستان طرف  ٿي ويو آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي...

Sindh TV News

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Navigate Site

  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي

Follow Us

No Result
View All Result
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Welcome Back!

Login to your account below

Forgotten Password?

Retrieve your password

Please enter your username or email address to reset your password.

Log In