آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن ۽ پوليس ڪجهه به نه ڪري سگهندي، هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ڪجهه مهينن دوران 30 کان وڌيڪ ڏوهاري ماريا ويا آهن.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي تڏي تي پهچي سندس ڀاءُ سان تعزيت ڪئي.
پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي گهر پهچڻ تي سندس پٽن آءِ جي سنڌ آڏو بينر کڻي احتجاج ڪيو.
سندن چوڻ هوته بابا جا قاتل ڪڏهن گرفتار ٿيندا؟
تعزيت بعد پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس کاتي ۾ ڏينهون ڏينهن بهتري اچي رهي آهي، کاتي ۾ ڪاريون رڍون به موجود آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي وڃي.
هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن ۽ پوليس ڪجهه به نه ڪري سگهندي، هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس اهلڪارن جو انگ ٻيڻو ڪيو ويندو.
آءِ جي سنڌ چيو ته قبيلائي جهيڙي ۾ ڏوهارين جو ڏوهارين جي گروپ سان جهيڙو هوندو آهي، ڏوهاري چاهن ٿا ته عوام ۾ پوليس جي ساک خراب ٿئي.
غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته پوليس کي جڏهن فريادي ناهي ملندو ته اهي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيندا آهن، 70 سيڪڙو ماڻهو دير سان ايف آءِ آر داخل ڪرائن ٿا، جنهن ڪري ڏوهاري بچي وڃن ٿا.
هن چيو ته گٽڪي ۽ ٻي منشيات خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهه ضرور آهن پر ڪو به نوگوايريا ناهي، هاڻي ڪانوائي سسٽم ختم آهي، هاءِ ويز محفوظ آهن.