تهران: ايران اسرائيل کان ڊرون حملي جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران انتقامي ڪارروائي جو اعلان ڪندي مرڪزي شهر اصفهان ۾ فوجي ڪارخاني تي ڊرون حملي جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏنو آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪافي عرصي کان ڇڪتاڻ جاري آهي.
گڏيل قومن ۾ ايران جي نمائندي عامر سعيد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ابتدائي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اسرائيل ڇنڇر جي رات اصفهان ۾ ڊرون حملو ڪيو پر حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.