ايران ۾ مهانگائي تي ڪنٽرو نه ڪرڻ تي صنعت ۽ واپار واري وزير کي عهدي تان فارغ ڪيو ويو آهي.
ايران جي پارليامينٽ وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي تي صنعت ۽ واپار واري وزير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب ايران جي پارليامينٽ ۾ 272 مان 162 ميمبرن صنعت ۽ واپار واري وزير رضا فاطمي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ ووٽ ڏنو.
ايران جي پارليامينٽ جي ميمبرن جو چوڻ هو ته صنعت ۽ واپار وارو وزير رضا فاطمي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.