ايران ۾ هٿيارن جي ڊپو تي ڊرون حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي شروعاتي اطلاع ناهي ملي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري وزارت جي ورڪشاپ ڪمپليڪس تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي.
ايراني سڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته حملي ۾ مائڪرو برڊ استعمال ڪيا ويا، هڪ مائڪرو برڊ کي ايئر ڊفينس ذريعي ماريو ويو جڏهن ته ٻه ڦاٽي پيا.
ايران جي بچاءَ واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڌماڪن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، صرف ورڪشاپ جي ڇت کي ٿورو نقصان پهتو آهي.