تازه ترين

ايس سي او اجلاس جي موقعي تي احتجاج جي ڪال ملڪ دشمنيءَ جو چٽو ثبوت آهي:خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ايس سي او اجلاس جي موقعي تي احتجاج جي ڪال ملڪ دشمنيءَ جو چٽو ثبوت آهي. بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي احتجاج جي ڪال ڏيڻ ملڪ دشمنيءَ جو چٽو ثبوت آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهي آهي، جيل ۾ ويٺل هڪ شخص ملڪ خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهي ترقيءَ جو رستو روڪڻ ٿا چاهين. خواجه آصف چيو ته عوام پي ٽي آءِ وارن جو مڪروه چهرو سڃاڻي ويو آهي. بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف  چيو ته ملڪي بقا ۽ سلامتي سندن ريڊ لائن هئڻ گهرجي. خواجه آصف چيو ته سازش 2014ع جي ڌرڻن کان شروع ٿي، ان کانپوءِ 9 مئي تي وفاق مٿان چڙهائي جي ڪوشش ڪئي وئي، اهي 9 مئي ٻيهر دهرائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن 15 آڪٽوبر تي احتجاج جي ڪال ڏني آهي، اها اڳتي به ٿي سگهي ٿي، 15 آڪٽوبر تي احتجاج جي ڪال ملڪي سلامتي تي حملو آهي. خواجه آصف چيو آهي ته اسلام آباد تي حملو روڪڻ لاءِ رياست جي پوري طاقت ۽ وسيلا استعمال ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون