ايس يو پي جو سنڌ مارچ بلوچ ڪالوني کان ڪراچي پريس ڪلب پهچي ويو آهي.
سنڌ مارچ بدامني، ڪرپشن ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف مارچ سکر کان نڪتو هو جيڪو ڪيترن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي منزل تي پهچي ويو آهي.
پيادل لانگ مارچ ۾ ايس يوپي سميت مختلف پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ۽ ڪارڪن شريڪ آهن.
جڏهن ته مارچ کي ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، مارچ ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار رحيم ۽ ڊاڪٽر نياڪالاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.