پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مينجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته ايشاڪپ جي حوالي سان حڪومت جو موقف آهي ته جيڪڏهن ڀارت هتي نه آيو ته پاڪستان به انهن جي مُلڪ نه ويندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي سي بي مينجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو ته ڀارت جو موقف آهي ته ايشياڪپ پاڪستان مان شفٽ ڪرڻ گهرجي، آءِ سي سي ۽ اي سي سي سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي ۽ ڪا نه ڪا پوزيشن وٺڻي پوندي.
نجم سيٺي چيو ته ان معاملي تي حڪومت کان موقف پڇيو آهي حڪومت جو موقف اهو آهي ته جيڪڏهن ڀارت اسان جي سرزمين تي نه کيڏندو ته پاڪستان به انهن جي سرزمين تي نه کيڏڻ ويندو.
نجم سيٺي وڌيڪ چيو ته اسان جي ٽيم کي ڀارت ۾ سڪيورٽي جو مسئلو آهي.