ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر پاليسي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
قرض جي رقم موسمياتي تبديلي ۽ آفتن جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ منظور ڪئي وئي آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته قرض جي رقم ڪلائمٽ اينڊ ڊزاسٽر رزيلئنس انهاسمنٽ پروگرام تحت منظور ڪئي وئي آهي.
اي ڊي بي موجب پاڪستان ۾ آفتن جي واقعن سبب ٿيندڙ ايوريج نقصان 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب عورتن ۽ ٻيا ڪمزور گروهه موسمياتي تبديلين ۽ آفتن جي واقعن سبب وڌيڪ متاثر ٿين ٿا.