پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته سندن واضح موقف آهي ته هو ايشيا ڪپ جي ميزباني تان هٿ نه کڻندا.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته ايشيا ڪپ جي لاءِ جيڪو فيصلو هو ان جا اثر ورلڊڪپ تي به پوندا.
هن چيو ته جيڪڏهن ايشيا ڪپ جي ميچ ڀارت ٽئين ملڪ ۾ کيڏندو ته هائبرڊ ماڊل ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي لاءِ به هوندو، ڀارت کي چئي ڇڏيو آهي ته سندن حڪومت ۽ عوام سندن موقف جي حمايت ڪئي آهي، هو نه ٿا اچن ته هيءُ ڪيئن ويندا ؟
نجم سيٺي جو چوڻ هو ته سندن طرفان هڪ ريڊ لائن آهي، ڀارت ايشيا ڪپ کيڏڻ پاڪستان ايندو يا ٽئين ملڪ ۾ کيڏندو، پاڪستان کي ايشيا ڪپ جي بائيڪاٽ تي هڪ ارب رپين جو نقصان ٿيندو.
هن چيو ته ٻئي طرف ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت وڃڻ کان انڪار تي آءِ سي سي سان لاڳاپا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي پر ڀارت کي چئي ڇڏيو آهي ته سندن حڪومت پاڪستان وڃي کيڏڻ کان منع ڪيو آهي ته کين لکت ۾ ثبوت ڏين.
نجم سيٺي چيو ته ڀارتي بورڊ حڪومت انڪار تي ڪا به شاهدي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، پاڪستان سپر ليگ سان هاڻي ايترا پئسا ڪمائين ٿا جو آءِ سي سي نقصان جو ازالو ڪري سگهن ٿا.