پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشن ڪرڪيٽ ڪونسل ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آھي تھ ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان کان ٻئي ملڪ منتقل نھ ٿيندي.
پي سي بي جو چوڻ آھي تھ ڀارت جي ميچن لاءِ ھائبرڊ ماڊل کانسواءِ ڪو ٻيو بھ فارمولو قبول نھ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي دبئي ۾ ايشين ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اختيارين سان ملاقات دوران ايشيا ڪپ، ورلڊ ڪپ ۽ چيمپئنز ٽرافي بابت معاملن تي اھم ڳالھھ ٻولھھ ڪئي آھي.
پي سي بي واضح پيغام ڏنو آھي تھ جيڪڏھن ڀارت پاڪستان ۾ نھ ٿو کيڏڻ چاھي تھ پاڪستان بھ ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي يا اي سي سي جي ايونٽس ۾ شرڪت نھ ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگھي ٿو.
ذريعن موجب پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جون ميچون ڪنھن نيوٽرل وينيو ۽ باقي ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ بابت ھائبرڊ ماڊل تجويز ڪيو ھو پر ڀارت ان تي بھ سياست شروع ڪري ڇڏي پر پاڪستان جو موقف تبديل نھ ڪري سگھيو.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ پاڪستان جي تجويز ڪيل ماڊل تي سريلنڪا ۽ بنگلاديش سميت ڀارت اعتراض اٿاريو ھو تھ اتي گھڻي گرمي آھي پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اھو اعتراض نھ مڃيو ۽ ھر آپشن غور ھيٺ آھي ..