ايشيا ڪپ 2023ع لاءِ بنگلاديش ۽ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تجويز ڪيل هائبرڊ ماڊل جي مخالفت ڪري ڇڏي.
پي سي بي ايشيا ڪپ لاءِ اي سي سي کي هڪ ڀيرو ٻيهر هائبرڊ ماڊل جي تجويز ڏني هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هائبرڊ ماڊل تحت ڀارت جون ميچون نيوٽرل وينيو جڏهن ته ٻين ملڪن جون ميچون پاڪستان ۾ ٿينديون.
پي سي بي جي نئين تجويز ڪيل اي سي سي جي لاجسٽڪ ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن جو حل پيش ڪيو ويو آهي.
پي سي بي اختيارين جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ۽ بنگلاديش کي پاڪستان ۾ کيڏڻ ۾ ڪو مسئلو نه آهي، بورڊ وٽ سريلنڪا ڪرڪيٽ ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي اي ميلز آهن.
ايشيا ڪپ 2022 27 آگسٽ کان 11 سيپٽمبر تائين يو اي اي ۾ کيڏيو ويو، ايشيا ڪپ 2018ع ۾ 15 کان 28 سيپٽمبر تائين کيڏيو ويو، هلندڙ سال به ڪجهه اهو ئي ونڊو ايشيا ڪپ لاءِ آهي.
بنگلاديش ۽ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊز هائبرڊ ماڊل تي اعتراض اٿاريو آهي ۽ ٻنهي بورڊ کي يو اي ۾ ميچن تي اعتراض آهي، بنگلاديش ۽ سريلنڪا لاجسٽڪ ۽ سفري معاملن تي اعتراض اٿاريو آهي.
سريلنڪا جي سيڪريٽري ڪرڪيٽ موهن ڊي سلو جو چوڻ آهي ته اي سي سي کي لکيو آهي ته هو هائبرڊ فارمولي جي خلاف آهن، اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي، يو اي اي ۾ گهڻي گرمي هوندي آهي، پي سي بي لاءِ تجويز آهي ته سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جيان ايشيا ڪپ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرائي، جيڪڏهن کين ڪپ جي ميزباني جي آفر ڏني وئي ته هو قبول ڪندا، آفيشل ميزبان ڀلي پاڪستان ئي رهي.
واضح رهي ته پي سي بي اختيارين ايشيا ڪپ ٻئي هنڌ ڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايشيا ڪپ پاڪستان ۾ نه ٿو ٿئي ته هو نه کيڏندا.
نيشنل گيمز جيولن ٿرو ۾ ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽي ورتو
نيشنل گيمز جيولن ٿرو ۾ ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽي ورتو. 34ھين نيشنل گيمز جيولن ٿرو فائنل ۾ پاڪستان واپڊا...