ايف آءِ اي ٽڊاپ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي 8 مئي تي طلب ڪري ورتو.
اڳوڻي وزيراعظم کي ايف آءِ ملتان ذريعي پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو، يوسف رضا گيلاني کي سمورو رڪارڊ گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم کي لاڳاپيل عدالت 18 ڊسمبر 2014ع کان حاضري کان ڇوٽ ڏني آهي.
ٽڊاپ ميگا اسڪينڊل ۾ يوسف رضا گيلاني تي ايف آءِ اي ڪراچي ۾ 3 ڪيس داخل آهن.
ڪيسن موجب ٽڊاپ ميگا اسڪينڊل ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جا الزام آهن.
2013 ۾ ٽڊاپ اسڪينڊل ۾ ڪيترن ئي ڪمپنين سميت مختلف ماڻهن خلاف 70 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا، پ پ جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جو نالو به ٽڊاپ اسڪينڊل ۾ شامل هو.
ايف آءِ اي طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي عدالتي حڪم تحت نوٽيس جاري ڪيا ويا.