نوشهري فيروز جي عدالت ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن جون ضمانت لاءِ ڏنل درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
ڪيس جي ٻڌڻي اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت ۾ ٿي، عدالت جوابدار مختيارڪار شفيق سومري ، رستم کوسي، عزيز انصاري ۽ تپيدار غلام حقاني جون درخواستون رد ڪيون، سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ جي درخواست به رد ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران آفتاب سومرو ۽ سنڌ بئنڪ جي عملدارن جون درخواستون به منظور نه ٿي سگهيون، عدالت طرفان مختيارڪار ڀريا نياز اڄڻ عبوري ضمانت ۾ 15 ڏينھن واڌ ڪئي وئي.
سنڌ بئنڪ جي مئنجر مختيار چانڊئي، ذيشان ۽ عطا سھتي به ضمانت لاءِ عدالت کي درخواست ڏني ھئي، ڄاڻايل جوابدارن تي اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪيو ھو، جيڪي هن وقت جيل ۾ آھن.