تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪلين سوئپ ڪندي: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪلين سوئپ ڪندي، مڪاني ادارن جي چونڊ جو نتيجو سڀني ڏسي ڇڏيو آهي، ڪو ڌانڌلي جو الزام به نه ٿو هڻي سگهي،  دشمن ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دهشتگردن پسني ۽ ميانوالا ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي،  پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ متحد آهن، قوم ملڪ جي دفاع لاءِ سڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ڪراچي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ملندي،  پي ٽي آءِ جي پاليسي نفرت کي هٿي ڏيڻ آهي، پ پ چاهي ٿي ته اڄ ٿي يا سڀاڻي رڳو اليڪشن ڪرائي وڃي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي چئلينج آڏو آهن، بلاول ڀٽو زردري نوجوانن لاءِ اميد آهي، ماڻهو نفرتون نه پر مسئلا حل ٿين. شرجيل ميمڻ چيو ته بجيٽ ۾ منظور ڪيل اسڪيمون بند ڪيون ويون آهن، سندن دور ۾ شروع ڪيل ترقياتي  ڪمن کي روڪڻ نه گهرجي. اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته ننڍي مڪاني چونڊ ۾ پيپلزپارٽيءَ ڪلين سوئپ ڪيو، جنهن تي هو سمورن جيالن کي واڌايون ڏي ٿو، جيڪي ڌانڌلي جو راڳ الاپيندا هئا، هاڻي الزام به نٿا هڻي سگهن. شرجيل ميمڻ چيو ته فلسطين ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري آهي، پ پ ۽ سموري دنيا فلسطينين سان گڏ آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته دشمن ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دهشتگردن پسني ۽ ميانوالا ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي،  پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ متحد آهن، قوم ملڪ جي دفاع لاءِ سڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي سعيد غني چيوته هنن ڪوشش ڪئي ته ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي، پيپلزپارٽيءَ سدائين وقت تي اليڪشن ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪجهه پارٽيون اليڪشن کان ڀڄي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪا پارٽي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿي، ان کي پنهنجي پوزيشن جي خبر آهي، عام چونڊن ۾ پ پ کي تاريخي فتح ملندي. سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽيءَ چئن يوسين ۾ پنهنجا نمائندا بيهاريا، مرتضيٰ وهاب جتان کٽيو، اتي 250 ووٽ اڳ کان وڌيڪ پيا،  ننڍي مڪاني چونڊن جي نتيجن بعد مٿن لڳل سمورا الزام غلط ثابت ٿيا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون