تازه ترين
باقراڻي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ڀائٽين گوليون هڻي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو برقرار آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو تائي... تنگواڻي ۾ وين نه بيهارڻ تان ڊرائيور قتل، وارثن ۽ ٽرانسپورٽرن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو آمريڪا پاران يمن جا ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ترڪ صدر جو ٽرمپ سان فون تي رابطو، روس يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا پاران ورتل ڪوششن جي حمايت خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس سرچ اينڊ اسٽرائيڪ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪست... قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو سڀاڻي اجلاس طلب ٽنڊي الهيار جي واپارين ۽ ضلعي انتظاميا ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، مختلف جماعتن طرفان واپارين جي 18 مارچ وار... بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ ايف سي قافلي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 3 جوان ۽ 2 شهري شهيد ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي...

اينٽي ڪرپشن کاتي، گڊو بئراج جي پل، دروازن جي مرمت ۽ صفائي جي مد ۾ 93 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جي انڪشاف بعد نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اينٽي ڪرپشن کاتي، گڊو بئراج جي پل، دروازن جي مرمت ۽ صفائي جي مد ۾ 93 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جي انڪشاف بعد نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻي کي جاچ جي هدايت ڪئي.

اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان هدايت ڪئي وئي ته ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي.

اهڙي حڪم بعد ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو  آبپاشي کاتي کان رڪارڊ طلب ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

اينٽي ڪرپشن کاتي کي ڪشمور جي رهواسي گهوٻيون هڻندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست ڏني.

درخواست ۾ الزام هنيو ويو ته گڊو بئراج ايٽ ڪشمور ڊويزن جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر شبير ڀٽو گڊو بيراج جي پل، گيٽن جي مرمت، صفائي، ايريگيشن ڪالوني جي ڪوارٽرن جي مرمت ۽ ٻين مختلف ڪمن جي  مد ۾ مجموعي طور تي 93 ڪروڙ رپين جون گهوٻيون هڻي پنهنجي مقرري ٻئي جڳھه تي ڪرائي ڇڏي آهي.

اينٽي ڪرپشن وٽ شڪايت ڪندڙ گهر ڪئي آهي ته گهوٻين ۾ ملوث ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ ٻين ملوث عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي.

شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته مٿي ڄاڻايل عملدارن قومي ناڻي کي نقصان رسايو آهي ڪرپٽ عملدارن کان ڪرپشن هيٺ آيل ناڻو واپس ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي.

هوڏانهن الزامن هيٺ آيل آبپاشي کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر شبير احمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مٿن ڪرپشن جا الزام بي بنياد آهن.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
12 %
1.5kmh
0 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون