تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اينٽي ڪرپشن کاتي، گڊو بئراج جي پل، دروازن جي مرمت ۽ صفائي جي مد ۾ 93 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جي انڪشاف بعد نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
اينٽي ڪرپشن کاتي، گڊو بئراج جي پل، دروازن جي مرمت ۽ صفائي جي مد ۾ 93 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جي انڪشاف بعد نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻي کي جاچ جي هدايت ڪئي. اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان هدايت ڪئي وئي ته ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي. اهڙي حڪم بعد ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو  آبپاشي کاتي کان رڪارڊ طلب ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. اينٽي ڪرپشن کاتي کي ڪشمور جي رهواسي گهوٻيون هڻندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست ڏني. درخواست ۾ الزام هنيو ويو ته گڊو بئراج ايٽ ڪشمور ڊويزن جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر شبير ڀٽو گڊو بيراج جي پل، گيٽن جي مرمت، صفائي، ايريگيشن ڪالوني جي ڪوارٽرن جي مرمت ۽ ٻين مختلف ڪمن جي  مد ۾ مجموعي طور تي 93 ڪروڙ رپين جون گهوٻيون هڻي پنهنجي مقرري ٻئي جڳھه تي ڪرائي ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن وٽ شڪايت ڪندڙ گهر ڪئي آهي ته گهوٻين ۾ ملوث ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ ٻين ملوث عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي. شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته مٿي ڄاڻايل عملدارن قومي ناڻي کي نقصان رسايو آهي ڪرپٽ عملدارن کان ڪرپشن هيٺ آيل ناڻو واپس ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي. هوڏانهن الزامن هيٺ آيل آبپاشي کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر شبير احمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مٿن ڪرپشن جا الزام بي بنياد آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون