قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ايوان حڪم ڏئي چڪو، پنجاب ۾ چونڊن لاءِ رقم نٿي ڏئي سگهجي، اهو آئيني اختيار معزز ايوان جو آهي، آرٽيڪل 82 ۾ واضح لکيل آهي ته رقم جڏهن به نڪرندي اها قومي اسيمبلي جي منظور سان مشروط هوندي، موجوده صورتحال ۾ هو درخواست ڪندو ته ايوان اڳ ڪيل فيصلن تي نظرثاني ڪري يا انهن جي منظوري ڏي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون هڪ شخص جي انا جي ور چڙهي ويون، لاهور هائيڪورٽ ۾ درخواست پينڊنگ ۾ هئي ته 9 رڪني بئنچ اچي وئي، ٻن ججن ڪيس کان عليحدگي اختيار ڪئي، چئن ججن درخواستون رد ڪيون.
هن چيو ته ايوان ٺهراءُ منظور ڪيو ته اهو هڪ سياسي ڪيس هو ۽ طئه ڪيو ته چئن ججن جو فيصلو تسليم ڪري ٿو، ايوان اقليتي فيصلي تي عمل جو پابند نه هوندو.
اعظم نذير تارڙ چيو ته عدالت وري وفاقي حڪومت کي 21 ارب رپيا فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سپريم ڪورٽ وري اسٽيٽ بئنڪ کي رقم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وفاقي وزير چيو ته اهڙي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ نوٽيس ورتو، هڪ ڳالهه واضح آهي ته فيڊرل ڪنسوڊيلٽي فنڊ جاري ڪرڻ ايوان جو اختيار آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت 21 ارب رپيا جاري ڪري ته به ايوان منظوري ڏنيدو، ٻيهر حڪم ڏنو ويو ته وفاقي حڪومت فنڊ جاري ڪري، عدالت چيو ته لڳي ٿو ته وزيراعظم ايوان جو اعتماد وڃائي رهيو آهي.
وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل 82 ۾ واضح لکيل آهي ته رقم جڏهن به نڪرندي اها قومي اسيمبلي جي منظور سان مشروط هوندي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته ايوان حڪم ڏئي چڪو، پنجاب ۾ چونڊن لاءِ رقم نٿي ڏئي سگهجي، اهو آئيني اختيار معزز ايوان جو آهي.
وفاقي وزير چيو ته اهڙي صورتحال ۾ هو درخواست ڪندو ته ايوان اڳ ڪيل فيصلن تي نظرثاني ڪري يا انهن جي منظوري ڏي.
اعظم نذير تارڙ چيوته پنهنجي ڳالهه آڏو رکي ڇڏي آهي، ناڻي واري وزير جو موقف به وٺي سگهجي ٿو.