ايپل موبائل اسٽور جي باٿ روم ۾ سوراخ ڪري چور داخل ٿيڻ بعد 5لک ڊالرز جي ماليت جا 4سئو کان وڌيڪ موبائل فونز چوري ڪري ويو.
امريڪي ميڊيا موجب، واشنگٽن جي ايپل اسٽور ۾ چور مڪمل منصوبابندي سان گڏ باٿ روم ۾ سوراخ ڪري داخل ٿيو ۽ 436 آئي فونز، آئي پيڊز ۽ ايپل گهڙيون چوري ڪري ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ايپل اسٽور مان تقريبن 5لک امريڪي ڊالرز جي ماليت جي چوري ٿي آهي، چورن گهڻي مهارت سان واردات سرانجام ڏني ۽ ڪا به شاهدي نه ڇڏيندي فرار ٿي ويا.
جوابدارن کي باٿ روم جي ڀت کي کاٽ هڻندي اندر ويندي ۽ ٻاهر نڪرندي نه ڏٺو، سي سي ٽي وي فوٽيجز مان به پوليس کي به ڪا مدد نه ملي آهي.
حيران ڪرڻ جهڙي واردات سان فرانزڪ ٽيم کي ڪي به فنگر پرنٽس نه مليا آهن، پوليس چورن جي ڳولا ۾ ناڪام رهي آ۽ ايپل اسٽور مالڪن به ڪنهن تي شڪ جو اظهار نه ڪيو آهي.