آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ايڇ آءِ ٽي دفاعي پيداوار ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، دفاعي پيداوار ۾ ڀاڻڀرائپ سان ايڪسپورٽ ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو دورو ڪيو، جتي ايڇ آءِ ٽي جي چيئرمين سندس آجيان ڪئي.
دوري دوران جنرل عاصم منير کي ايڇ آءِ ٽي جي معاملن ۽ پيداواري صلاحيت، جدت پسندي ۽ ٻين معمالن بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ٽِينڪ، اي پي سي، ريموٽ ويپن سسٽم سان گڏ پاڪ فوج طرفان تيار ڪيل 155 ايم ايم آرٽلري گن بيرل جو به مشاهدو ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته ايڇ آءِ ٽي دفاعي پيداوار ۾ اهم حيثيت رکي ٿي ۽ نالج اڪانومي ۽ ريسرچ اينڊ ڊولپمنيٽ ۾ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي.
هن چيو ته دفاعي پيداوار ۾ پاڻڀرائپ سان ايڪسپورٽ ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو آهي.
جنرل عاصم منير آفيسرن ۽ ورڪ فورس جي صلاحيتن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو.