آرٽي فيشل انٽيليجنس (اي آئي) ٽيڪنالوجي کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ڪجھھ ملڪن ۾ نيوز اينڪر جي ڪم لاءِ بھ ان جي مدد ورتي وئي آھي.
چين ۽ ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان ٽيڪنالاجي کي ميڊيا ادارن جي طرفان استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ھاڻي ان فھرست ۾ عرب ملڪ ڪويت جو نالو بھ شامل ٿي ويو آھي .
ڪويت جي ھڪ ميڊيا جي اداري اي آئي ٽيڪنالوجي جي مدد سان تيار ڪيل ورچوئل اينڪر کي متعارف ڪرايو آھي.
ڪويت نيوز ويب سائيٽ جي طرفان فيدحھ نالي ان نيوز اينڪر جي جھلڪ ٽوئٽر اڪائونٽ تي ھڪ وڊيو ۾ پيش ڪئي وئي.
ان وڊيو ۾ ھڪ عورت اھو ئي چوي ٿي تھ ھوءَ فيدحھ ڪويت جي پھرين اي آئي ٽيڪنالوجي تي ٻڌل اينڪر آھي، اوھان ڪھڙين خبرن کي ترجيح ڏيندا، ھو اوھان جي راءِ ٻڌڻ چاھي ٿي.
ڪويت نيوز ويب سائيٽ اتي ھڪ انگلش اخبار ڪويت ٽائمز سان لاڳاپيل آھي ۽ ان عھديدار عبداللھ بوفتان ٻڌايو تھ اي آئي ٽيڪنالوجي جي آزمائش سان نئين ۽ تخليقي مواد کي پيش ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
ھن چيو تھ مستقبل ۾ اھا اي آئي نيوز اينڪر سندن ويب سائيٽ جي ٽوئٽر اڪائونٽ تي خبر نامو پيش ڪندي.