وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن ملڪي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن تي صدر آصف علي زرداري صدر جا اختيار پارليامينٽ کي واپس ڏنا ها.
جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پيپلزپارٽي جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري ارڙهين آئيني ترميم ذريعي جمهوريت کي مضبوط ڪيو.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي ارڙهين ترميم ذريعي خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي عوام کي سڃاڻپ ملي.
وفاقي وزير چيو ته صدر آصف علي زرداري صوبن کي خودمختياري ڏئي وفاق کي مضبوط ڪيو، ارڙهين آئيني ترميم وفاق ۽ سڀني يونٽن جي وچ ۾ ٺاهه آهي.
شازيا مري چيو ته ارڙهين آئيني ترميم جي ڪري پارليامينٽ ٽيون ڀيرو پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي، پارليامينٽ بااختيار هوندي ته ٻاهرين مداخلت ختم ٿي ويندي.