تازه ترين

اڄ کان 29 اپريل تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

- Advertisement -
اين ڊي ايم اي چيو آهي ته اڄ کان 29 اپريل تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيو آهي ته 26 کان 27 اپريل تي نوشڪي، پشين، هرنائي،زوب  جي ندي نالن ۾ چاڙهه خدشو آهي هن چيو ته 27 کان 27 اپريل تائين گوادر، ڪيچ، آواران جي مقامي ۽ برساتي نالن ۾ به ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي موجب دير، سوات، چترال، مانسهره، ڪوهستان جي مقامي دريائن ۾ 27 کان 28 اپريل تائين ٻوڏ واري صورتحال جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 27 کان 29 اپريل تائين اپر خيبرپختونخواهه، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت ۾ تيز برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سياح ۽ مسافر جابلو علائقن ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. اين ڊي ايم اي ترجمان موجب، اڄ ڪي پي، ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به وسڪاري جو امڪان آهي جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به ڪٿي ڪٿي برسات پئجي سگھي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون