اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي دور ۾ ٻين مُلڪن جي طرفان ڏنل تحفن کي سرڪاري رڪارڊ جو حصو ئي ناهي بڻايو ويو.
اها رپورٽ ڊيموڪريٽس جي طرف کان ايوان جي ايوان جي احتساب ڪميٽي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
غيرمُلڪي ميڊيا جي مطابق ڊيموڪريٽس جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽرمپ جي دور صدارت ۾ وائٽ هائوس پاران اڍائي لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا 100 کان وڌيڪ تحفن کي رڪارڊ جو حصو ئي ناهي بڻايو ويو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي هي تحفا ٽرمپ ان جي گهرواري ميلانيا ٽرمپ جي ڌيءُ ايوانڪا ۽ ٽرمپ جو ناٺي ڪشنر کي ڏنا ويا بعد ۾ ان تحفن کي حڪومت جي حوالي ڪيو ويو پر آمريڪي قانون مطابق ظاهر نه ڪيو ويو هو.