تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو موقف مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ بدحالي تي ضابطو آڻڻ آهي: خواجا آصف

- Advertisement -
مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو موقف مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ بدحالي تي ضابطو آڻڻ آهي، لاهور جلسي گاهه ۾ ته ٻن ڏينهن کان رونق نظر اچي رهي آهي، سندس 35 ورهين جي سياسي ڪيريئر جو هي وڏو جلسو هوندو. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ اڄ به پيپلز پارٽي زنده آهي، ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ وارن جو نالو وٺڻ وارو به ڪو ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي جلا وطن ڪندڙ مشرف کي ماڻهو وساري چڪا آهن پر نواز شريف جو آڌرڀاءُ اڄ به ٿي رهيو آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا آصف چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته نواز شريف کين خوشحالي ڏياريندو، نواز شريف واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو 28 مئي وارا آهن 9 مئي وارا ناهن. هن چيو ته نواز شريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، اها سندس خلوص ۽ ملڪ سان محبت جي علامت آهي، هڪ شخص ملڪي سلامتي کي للڪاريو، ٻنهي ۾ اهو واضح فرق آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا آصف چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو موقف مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ بدحالي تي ضابطو آڻڻ آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
29 %
2.1kmh
5 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون